ديو ديوتا

ديو/ ديوتا (Deva) : جامع سنڌي لغات ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’ديو‘ لفظ جي معنيٰ: چمڪدار، تجلي وارو، هندو ڌرم موجب پوڄا جي لائق، ايشور جي حڪم سان سنسار کي هلائيندڙ خيالي جيوَ يا ديوتا لکي آهي.
ديو کي عام طرح ديوتا به چئبو آهي. ديو اصل ۾ سنسڪرت لفظ دِوَ (diw) آهي، جنهن جي معنيٰ به چمڪندڙ آهي. ديو جو مؤنث ديوي آهي، جيڪو سنسڪرت جي لفظ ديووس (Deiwos) مان نڪتل آهي. ديوتائن کي جرمن ۾ تواز (Tiwaz)، لاطينيءَ ۾ ديوس (Deus)، انگريزيءَ ۾ ڊوائن (Divine) ۽ ڊائٽي (Deity)، فرينچ ۾ ڊيو (Dieu)، پورچوگيزيءَ ۾ ڊيوس (Deus)، اٽالين ۾ ڊيو (Dio) ۽ ڊياس(Dias) سڏيندا آهن.
هندو ڌرم ۾ ديوَن/ ديوتائن لاءِ سمجهيو ويندو آهي ته اهي هن ڪائنات جي جدا جدا ڪمن جا رکوالا ۽ جدا جدا لوڪن جي نگهباني ۽ سنڀال ڪندڙ ٿين ٿا، خراب ڪمن تي ناراض ٿين ٿا، يگيه (قربانيءَ) ۽ پرارٿنا (عبادت) تي خوش ٿين ٿا.
ويدن ۾ ديوَ جو ذڪر ’مهربان خدا‘ جي معنيٰ ۾ آيل آهي. رگ ويد ۾ ڪل 33 مُکيه ديون جو ذڪر ڪيل آهي، جڏهن ته هندو ڌرم ۾ ڪُل ديوتا 33 ڪروڙ آهن. سڀني ديوتائن ۾ وڏو اندر ديوتا آهي. اهڙيءَ طرح شوَ کي به ’مهاديو‘ چيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ ’سڀني ديوَن جو اڳواڻ‘ سمجهي وڃي ٿي.
ديون/ ديوتائن جو تعلق آسماني قوتن سان به تصور ڪيو ويندو آهي، جيڪي ملائڪن واريون صفتون رکن ٿا. ٻُڌ ڌرم ۾ ديو، اعليٰ ترين ۽ محترم هستيون آهن، جڏهن ته زردشتن وٽ ديوتا شيطان جو درجو رکن ٿا. زردشتن جو زيوس ديوتا مشهور آهي. هندو ڌرم۾ ڪائنات جي پنجن تتوَن (باهه، هوا، پاڻي، آسمان ۽ ڌرتيءَ) توڙي وڻن ۽ برسات وغيره جا الڳ الڳ ديوتا مقرر آهن، جن ۾ سويترا، يامهَه، ورڻ، اندر ديوتا مشهور آهن. ويدانت پرستن (Theosophists) جو چوڻ آهي ته مشرق جا ديوَ/ ديوتا، مغرب جي فرشتن جهڙا آهن. سندن چوڻ آهي ته ديوتا هر وقت اسان جي ارد گرد سرگرم رهن ٿا، پر اهي اسان کي نظر نه ايندا آهن.
سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ به ديون جو ذڪر گهڻو ملي ٿو، جيڪي گهڻو ڪري پرين کي قيد ڪري رکندا هئا. مٿن ظلم ڪندا هئا، انهن کي انسانن سان ملڻ نه ڏيندا هئا. اُهي ڇهه مهينا ننڊ ڪندا هئا ۽ ڇهه مهينا جاڳندا هئا. اهي طاقتور، قد جا ڊگها ۽ شڪل جا بدشڪل ڄاڻايا ويندا هئا.
مختلف مذهبن، تهذيبن ۽ قومن ۾ ديوتائن جي مختلف صفتن لاءِ ڪيترائي تصور آهن، ڪٿي انهن کي چڱو ته ڪٿي خراب سمجهيو وڃي ٿو. ڪٿي ديوتائن جي پوڄا ڪئي وڃي ٿي ته ڪٿي انهن کي شيطان جو روپ سمجهي، کانئن حقارت ۽ نفرت ڪئي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو